صنم سعيد جي ڌماڪيدار واپسي، نئين ڪهاڻي، نئون انداز
ڪراچي: مشهور اداڪاره صنم سعيد ڊگهي وقت بعد ٽي وي اسڪرين تي واپسي جو اعلان ڪيو آهي.
صنم سعيد اهو اعلان پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪيو، جتي هن پنهنجي ماضي جي يادگار ڊرامن جون جھلڪون شيئر ڪيون ۽ چيو ته هوءَ ڊرامي ۾ “مس ماريا” جو ڪردار ادا ڪندي.
مشهور اداڪاره جلد ئي هڪ ڊراما سيريل ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندي، ۽ مداح سندس واپسي تي خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن.
ياد رهي ته صنم آخري ڀيرو 2019 ۾ ڊراما “ديدان” ۾ نظر آئي هئي، جنهن کان پوءِ هوءَ ڪجهه وقت لاءِ ٽي وي اسڪرين کان پري رهي، جڏهن ته، “دوسرا چهرا” ۾ سندس تازي نظر اچڻ بعد هوءَ هاڻي مڪمل طور تي واپسي ڪري رهي آهي.
