قدرتي موت يا قتل؟ حميرا اصغر جي شروعاتي فارنزڪ رپورٽ راز کولي ڇڏيا
ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) مشهور ماڊل ۽ اداڪاره حميرا اصغر جي پراسرار موت جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
پوليس کي پوسٽ مارٽم دوران حاصل ڪيل ڪيميڪل ٽيسٽن جون شروعاتي رپورٽون ملي ويون آهن، جن ۾ اداڪاره جي موت جو مک ڪارڻ معلوم ٿيو آهي.
پوليس ذريعن موجب، حميرا اصغر جي پوسٽ مارٽم دوران ڪيترن ئي قسمن جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن جا نمونا ڪراچي يونيورسٽي جي فارنزڪ ليبارٽري ڏانهن موڪليا ويا آهن.
ليبارٽري پاران مليل رپورٽن ۾ ڪنهن به زهريلي مادي يا ڪيميڪل جي موجودگي جو ڪو به ثبوت نه مليو، پر ڪجهه رپورٽون اڃا تائين ناهن آيون ۽ مڪمل رپورٽ اچڻ کان پوءِ ئي حتمي راءِ ڏئي سگهجي ٿي.
بهرحال، شروعاتي نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اداڪاره جي موت ڪنهن زهريلي مادي جي ڪري ناهي ٿي، جيڪو واضح طور تي ڪيس جو رخ قدرتي موت ڏانهن موڙي رهيو آهي.
ياد رهي ته ماڊل ۽ اداڪاره حميرا اصغر جو مڙهه 8 جولاءِ تي ڊفينس فيز 6 اتحاد ڪمرشل ۾ هڪ رهائشي عمارت جي چوٿين منزل تان مليو هو.
