خيرپور: عورتن تي ٿيندڙ ظلم، تشدد ۽ تذليل خلاف ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) سماجي عورتن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن پاران عورتن تي ٿيندڙ ظلم، تشدد ۽ تذليل خلاف ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو
مظاهري جي اڳواڻي رابيل گل ڦلپوٽو، راحيلا، ايڊووڪيٽ تبسم راڄپر، امداد علي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا
ان موقعي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته عورتن مٿان هر روز تشدد ٿيندا رهن ٿا ۽ هيومن رائيٽس جا ادارا مڪمل خاموش تماشائي بڻيل آهن عورتن مٿان تشدد، ڏاڍُ ۽ جبر ڪري انهن جي آواز کي دٻايو پيو وڃي
هنن چيو ته عورتن کي مختلف طريقن سان حراسان ڪري ظلم ڪيو وڃي ٿو، قانون جي بالادستي نه هئڻ ۽ انصاف نه ملڻ سبب هن سماج ۾ عورتون سخت اذيتن جو شڪار آهن
