غزه تي اسرائيلي حملا جاري وڌيڪ 22 فلسطيني شهيد، ڪيٿولڪ چرچ تي به بمباري
( ويب ڊيسڪ ) غزه تي اسرائيلي تازن هوائي حملن ۾ وڌيڪ 22 فلسطيني شهيد ٿيا آهن، ۽ اسرائيلي جهازن غزه ۾ هڪ ڪيٿولڪ چرچ کي به نشانو بڻايو.
فلسطيني اختيارين موجب، اتر غزه پٽي جي جباليا علائقي ۾ اسرائيلي حملي ۾ هڪ ئي خاندان جا ست ماڻهو، جن ۾ پنج ٻار به شامل هئا شهيد ٿيا، امدادي ٽرڪن جي حفاظت ڪندڙ اٺ ماڻهو، مرڪزي غزه پٽي ۾ ٽي ۽ اوڀر غزه پٽي جي زيتون علائقي ۾ چار ماڻهو شهيد ٿيا
ان کان علاوه غزه ۾ ڪيٿولڪ عيسائي چرچ جا ٽي ماڻهو اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويا، جڏهن ته هڪ پادري جيڪو پوپ فرانسس کي اسرائيل-فلسطين تڪرار تي بريفنگ ڏئي رهيو هو پڻ زخمي ٿيو آهي
