خيرپور: پوليس جو موٽرسائڪلون ڦر ڪندڙ ٽولي سان مقابلو هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ سوگهو

IMG-20250718-WA0060.jpg

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) خيرپور پوليس ڪارروائي ڪري موٽرسائيڪلون ڦر ڪندڙ گروهه سان مبينا مقابلي بعد هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

پوليس پڌرائي موجب ٽنڊومستي ٿاڻي جي ايس ايڇ او رحمت الله سولنگي ۽ سندس ٽيم لاڙڪاڻي روڊ تي ڏوهارين جي واردات جي ارادي سان موجودگي واري اطلاع تي پهتا ته پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿيو جنهن دوران پوليس هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته سندس هڪ ساٿي فرار ٿي ويو

پوليس موجب گرفتار زخمي ڏوهاري جي سڃاڻپ شاهد حسين پٽ دلاور شر جي نالي سان ٿي آهي جيڪو موٽر سائيڪلون ڦر ڪندڙ گروهه جو سرگرم ميمبر آهي، سندس قبضي مان هڪ پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب گرفتار زخمي ڏوهاري جو ڪرمنل رڪارڊ ٻين ضلعن مان به معلوم ڪيو پيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *