ايراني صدر جي ڪار پاڻي مليل پيٽرول سان خراب، ايراني صدر ٽيڪسي ۾ سفر ڪرڻ تي مجبور

IMG-20250718-WA0058.jpg

( ويب ڊيسڪ ) ايراني صدر مسعود پزڪشيان جي ڪار غير معياري پيٽرول جي ڪري خراب ٿي وئي، جنهن ڪري کيس ٽيڪسي ذريعي سفر ڪرڻو پيو

ايراني ميڊيا موجب، ايراني صدر ايراني شهر تبريز وڃي رهيو هو ته قافلي ۾ شامل ٽن گاڏين کي قزوين صوبي جي هڪ پيٽرول اسٽيشن تان پيٽرول ڀرايو ويو

جڏهن ته، پاڻي سان مليل پيٽرول جي ڪري گاڏين کي نقصان پهتو ۽ قافلو وچ رستي ۾ بيهجي ويو، جنهن بعد ايراني صدر پاڻ مقامي اختيارين کي اطلاع ڏيڻ کانسواءِ ٽيڪسي ۾ تبريز پهتو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *