اوٻاوڙو لڳ ڪوش ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو هڪ قتل 5 زخمي

IMG-20250718-WA0033.jpg

اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) ڪوش ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، ڪهاڙيون ۽ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو صادق چاچڙ قتل 5 ڄڻا سخت زخمي،

رائونتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گجڻ چاچڙ ۾ ڪوش ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين زمين جي مالڪي تان جهيڙو ڪهاڙيون ۽ گوليون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا عورت سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جڏھن ته چاچڙ برادري جو هڪ ڄڻو صادق چاچڙ قتل ٿي ويو،

اوٻاوڙو ، زخمين ۾ هڪ ڌر جا ، علي نواز چاچڙ، افسر چاچڙ، جڏھن ته ٻئي ڌر جا محمد شاهنواز ڪوش، ميوو ڪوش شامل آهن، زخمين کي ليٽر ڏيڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *