ملڪ ۾ تازين مون سون برساتن سبب 178 ماڻهو فوت
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ تازين مون سون برساتن سبب 178 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب 54 ماڻهو فوت ٿيا.
نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي رپورٽ موجب، تازين مون سون جي برساتن ۾ 61 مرد ۽ 32 عورتون فوت ٿيون. جڏهن ته فوت ٿيندڙن ۾ 85 ٻار به شامل آهن.
رپورٽ موجب، پنجاب ۾ 103، خيبر پختونخواهه ۾ 38، سنڌ ۾ 20، بلوچستان ۾ 16 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿيو.
