سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران عوام جي لاءِ خوشخبري
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران عوام جي لاءِ خوشخبري، 4 هزار 400 نوان استاد ڀرتي ڪرڻ جو اعلان، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته 4 هزار 400 نون استادن جي ڀرتي، چئن نون آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليجز جو قيام ۽ 34 هزار اسڪولن کي مالي خودمختياري جي فراهمي جو عمل ايندڙ ٽن مهينن ۾ شروع ڪيو ويندو، سنڌ ايجوڪيشن انڊومينٽ فنڊ ذريعي وڌيڪ هزارين مستحق شاگردن کي وظيفو ڏنو ويندو، صحت جي شعبي ۾ 326 ڏهائي 5 ارب روپين جي رقم استعمال ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي فنڊز رليز ڪيا پيا وڃن، ايس آءِ يـُو ٽي، پي پي ايڇ آءِ ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي واڌ ويجهه ۽ ايمبولنس سروسز کي اپ گريڊ ڪرڻ اسانجي اولين ترجيح آهي، ڪراچي لاءِ مختص خاص ترقياتي پيڪيج تحت روڊن، پاڻي، سيوريج ۽ ماس ٽرانزٽ جا منصوبا جلد شروع ڪيا ويندا، 50 اليڪٽرڪ بسن کانپوءِ وڌيڪ 100 بسون آگسٽ تائين روڊ تي آنديون وينديون، بينظير هاري ڪارڊ تحت 2 لک هارين کي سبسڊي جي فراهمي جو عمل مرحليوار شروع ڪيو پيو وڃي
