وڏو وزير مراد علي شاهه نئين مالي سال جي بجيٽ 13 جون تي پيش ڪندو

Budget-2025–26

ڪراچي ( رپورٽ: باقر حسين ) سنڌ حڪومت نئين مالي سال لاءِ صوبائي بجيٽ 13 جون تي پيش ڪندي، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪندو

نئين بجيٽ جو مجموعي حجم 3,300 ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز آهي، جيڪو هلندڙ مالي سال جي 3,056 ارب رپين جي مقابلي ۾ 300 ارب رپين کان وڌيڪ آهي

نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ترقياتي خرچن لاءِ 1,100 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رکڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته 400 ارب رپين کان وڌيڪ لاڳت وارا غير ملڪي فنڊن سان هلندڙ منصوبا به شامل ڪيا ويندا.

سنڌ حڪومت پاران ٽيڪس وصوليءَ جو حدف 800 ارب رپين کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي، تعليم لاءِ: 550 ارب رپيا، صحت لاءِ: 340 ارب رپيا، مڪاني کاتي  لاءِ: 350 ارب رپيا، گهرو کاتي  لاءِ: 200 ارب رپيا، ٽرانسپورٽ لاءِ: 75 ارب رپيا، جڏهن ته غربت گهٽائڻ لاءِ: 40 ارب رپيا رکڻ جي تجويز شامل آهي

نئين بجيٽ ۾ سماجي ڀلائي ، تعليم، صحت، ۽ انفراسٽرڪچر جي واڌاري تي خاص ڌيان ڏيڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *