خيرپور ۾ اڻڄاتل ڦورو شهري کان هزارين رپيا روڪ رقم ۽ موبائل ڦري ويا

WhatsApp Image 2025-05-30 at 00.27.42_e7be1a5e

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو )  اي سيڪشن ٿاڻي جي حد اين ايل سي ڀرسان اڻ ڄاتل هٿياربندن هٿيارن جي زور تي عبدالغني ڦلپوٽو کان 50 هزار رپيا روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا

متاثر عبدالغني خيرپور پهچي صحافين کي ٻڌايو ته مون کان هٿياربند 50 هزار رپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري ويا آهن، هن چيو ته مون سان ٻار گڏ هئا، هٿياربند مون کان موٽرسائڪل ڦر ڪرڻ پيا چاهين

ھن چيو ته اهڙي شڪايت اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي انصاف فراهم ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *