ڪي اين شاهه: ٻارن جي معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ھڪ ڄڻو قتل ھڪ ڄڻو زخمي
ڪي اين شاهه (رپورٽ: عبدالغفار چانڊيو) نيو آباد ڪالوني ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙي ۾ فائرنگ ٿي، نتيجي ۾ نوجوان پرائمري استاد زاھد حسين اعواڻ ٿڏي تي قتل ٿي ويو
جڏھن ته ڪورائي محله جو رهواسي ٻج ڀاڻ جو واپاري مجاھد حسين لغاري پڻ زخمي ٿي پيو آهي، جنھن کي سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي، هوڏانهن ڪي اين شاھ پوليس موجب واقعو ٻارڙن جي معمولي ڳالھ تان پيش آيو آهي،
مقتول جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو مڙهه گهر پهچڻ تي گهر قھرام متل آهي جڏهن ان علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.
