ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل شخص اوچتو گهر پهتو ته گهرڀاتي ۽ پاڙيسري حيران رهجي ويا
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سوشل ميڊيا تي هڪ انوکي پوسٽ تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل شخص اوچتو گهر پهتو ته سندس جا گهرڀاتي ۽ پاڙيسري حيران رهجي ويا
هي واقعو پنجاب جي علائقي ميان چنو جي هڪ ڳوٺ جو ٻڌايو پيو وڃي، جتي هڪ اهڙو حيرت انگيز واقعو پيش آيو جنهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي
بلال آباد جي چڪ نمبر 135 جو رهواسي هڪ شخص جڏهن سول اسپتال ميان چنو پهتو ته هن ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل هڪ لاش جي سڃاڻپ ڪئي هن موجب هي مڙهه سندس جي ڀاءُ فلڪ شير جٽ جو آهي
جنهن بعد هن اسپتال انتظاميه کان لاش وصول ڪري ڳوٺ کڻائي ويو، فوتي شخص جي مائٽن جنازي جي تياري شروع ڪئي ۽ جنازه نماز جو اعلان به ڪيو ويو
ڪجهه دير کانپوءِ فلڪ شير جٽ جيئرو ۽ صحتمند ٿي گهر پهتو ته گهرڀاتي ۽ پاڙيسري حيران ۽ پريشان رهجي ويا، فلڪ شير جي گهر واپس پهچڻ تي گهر جو ماحول ماتم مان خوشي ۾ تبديل ٿي ويو
هوڏانهن اصل مڙهه کي لاوارث قرار ڏئي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو جنهن بعد صدر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو
