نيوڪليئر پاور پلانٽ جو نئون يونٽ 12سئو ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو
(مانيٽرنگ ڊيسڪ) چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ 5 مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 1200 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو، پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن موجب نيوڪليئر انسٽيٽيوٽ فار ايگريڪلچر اينڊ بائيولاجي فيصل آباد رنگين ڪپهه پيدا ڪري رهيو آهي، هن اداري کي بين الاقوامي ايٽامڪ انرجي ايجنسي جي معاون مرڪز طور پڻ تسليم ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن جو چوڻ آهي ته چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ 5 مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 1200 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو.
پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن جي اعلان موجب، 6 ايٽمي پاور پلانٽس مان 3هزار530 ميگاواٽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ هڪ 400 ڏينهن تائين مسلسل بجلي پيدا ڪري قومي رڪارڊ قائم ڪيو. اعلان موجب تعمير هيٺ چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ 5 مڪمل ٿيڻ بعد 1هزار 200 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو.
