افغان طالبان ڪمانڊر ڪنهن به ملڪ ۾ جهاد کي ناجائز قرار ڏئي ڇڏيو

QOMI NEWS - Copy

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) افغان طالبان ڪمانڊر رياستي امير جي حڪم بنا ڪنهن به ملڪ، خاص طور پاڪستان ۾ جهاد کي شرعي طور ناجائز قرار ڏئي ڇڏيو

ڪمانڊر سعيدالله سعيد تقريب کي خطاب ڪندي خارجين کي خبردار ڪيو ته مختلف ٽولن ۾ شامل ٿي ٻين ملڪن ۾ جنگ ڪندڙ ماڻهن کي حقيقي مجاهد نٿو سڏي سگهجي

هن چيو ته هڪ هنڌان ٻئي هنڌ حملا ڪندڙ ماڻهن کي مجاهد سڏڻ غلط آهي، جهاد جو اعلان ڪرڻ يا ان جي اجازت ڏيڻ رڳو رياستي امير جو اختيار آهي

جيڪڏهن رياستي قيادت پاڪستان نه وڃڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي ته پوءِ ان حڪم جي ڀڃڪڙي ديني نافرماني شمار ٿيندي پنهنجي انا يا گروهي لاڳاپن جي بنياد تي ٿيندڙ جهاد شرعي طور فساد جي زمري ۾ ايندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *