ميرپورماٿيلو: پ پ ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ جي هدايت تي ترقياتي اسڪيمن جا سروي

20250527_143545.jpg

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: آصف شر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ ۽ سردزاده مير شھباز احمد خان لنڊ جي هدايت تي مختلف ڳوٺن ۾ ترقياتي منصوبن جا سروي ڪيا ويا

لنڊ گروپ ٽيم معروف لنڊ، محمد موسيٰ کوسو، وقار لنڊ، ساجد ٽانوري ۽ ٻيا لاڳاپيل انتظاميه سان گڏجي مگسي ڳوٺ ۾ سي سي پيور بلاڪ جو سروي ڪيو جڏهن ته ڳوٺ فضل ٿهيم ۾ سي سي پيور بلاڪ ۽ ڊرينيج اسڪيم منظور ڪئي وئي، نيو حيدر شاهه ڪالوني ۾ به روڊن ۽ ڊرينيج جي اسڪيمن تي سروي ڪيو ويو، ڳوٺ ونگو ۾ به سي سي بلاڪ ۽ سيوريج جي اسڪيم منظور ڪئي وئي آهي

ان موقعي تي لنڊ گروپ اڳواڻ وقار لنڊ جو چوڻ هو ته پ پ ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ ۽ ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين مير شھباز احمد خان لنڊ جي هدايت تي ميرپورماٿيلو جي مختلف ڳوٺن ۾ ترقياتي اسڪيمن جا سوري ڪيا آهن، جن تي تمام جلد معياري ڪم شروع ڪرايو ويندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *