ڀارت جي آبي جارحيت جاري، سنڌو درياهه جو پاڻي روڪڻ لاءِ ماسٽر پلان شروع ڪري ڇڏيو

IMG-20250526-WA0025.jpg

(ويب ڊيسڪ) ڀارت، آبي جارحيت جاري رکندي سنڌو درياهه جو پاڻي روڪڻ لاءِ تڪراري علائقي لداخ ۾ چئن نون منصوبن جو ماسٽر پلان شروع ڪري ڇڏيو،اهڙو انڪشاف آبي ماهر انجنيئر ارشاد ايڇ عباسيءَ طرفان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي اماڻيل خط ۾ ڪيو ويو، خط مطابق ڀارت تڪراري علائقي لداخ ۾ اچنٿنگ، سانجڪ، پارفيلا، باتا لڪ ۽ خلستي جي 10 ميگا هائيڊرو پاور پراجيڪٽس جي ماسٽر پلان تي ڪم ڪري رهيو آهي، پاڻي ماهر موجب ايئن لڳي رهيو آهي هنن منصوبن جو مقصد سياچن گليشيئرز جي برفاني علائقي ۾ مقرر فوجين لاءِ حرارت ۽ توانائي جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *