نيو سعيد آباد: پريمي ناري بازياب نه ٿي مڙس جي فرياد تي 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

WhatsApp Image 2024-08-26 at 14.57.25_4963af8a

نيو سعيد آباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) گذريل ڏينھن مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان ناري خالده ماڇي بازياب نه ٿي سگهي سندس مڙس عبدالله جي فرياد تي بٺو فاريسٽ ٿاڻي تي ناري جي پيءَ ٻن ڀائرن سميت اٺن ڄڻن تي اغوا جو ڪيس تي داخل ڪيو ويو، داخل ٿيل ڪيس ۾ فريادي ناري جي مڙس عبدالله ڄاڻايو آهي ته آئون پنهنجي زال ۽ پيءَ ماءُ سان گڏ پنھنجي گھر ۾ ويٺو ھئس ته ڊاٽسن تي سوار 8 ھٿياربندن عيدن ماڇي، سندس ٻه پٽ لال بخش ماڇي، نعيم ماڇي، قادر بخش، سرور ماڇي ۽ ٽن نامعلوم ماڻهن گهر ۾ داخل ٿي منھنجي گھرواري خالده ماڇيءَ کي زبردستي مارڪٽ ڪندا ڊاٽسن ۾ کڻي اغوا ڪري ويا آهن، جڏهن ته چار مھينا اڳ ناري خالده ڌيءُ عيدن ماڇي ۽ عبدالله ماڇي گھران نڪري ھالا جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو ھو، جنھن بعد ٻنھي ڌرين ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو ھو ۽ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي مختلف پريس ڪلبن نيوسعيدآباد ۽ سڪرنڊ تي موتمار ڌمڪين ۽ اغوا جي خدشي جو اظھار ڪندي تحفظ جي اپيل ڪئي ھئي، هوڏانهن پوليس ناري اڃا سوڌو بازياب ناهي ڪرائي سگهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *