پيرجوڳوٺ: هندو محلا ۾ هڪ گهر اندر زهريلو کير پيئڻ سبب 3 ڀاتي بيهوش ٻارڙو فوت
پيرجوڳوٺ (رپورٽ: سيف علي کيڙو) ھندو محلا ۾ سترام داس جي گهر ۾ مبينا زھريلو کير پيئڻ سبب ھڪ ئي گهر جا ٽئي ڀاتي بيهوش ٿي ويا، جن مان 6 ساله ڪائرف فوت ٿي ويو جڏهن ته ھڪ عورت ۽ سندس پٽ منت ڪمار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو
وارثن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته رات جو کير پي ستاسين ته ٻارڙن جي حالت خراب ٿي جن کي فوري طور تي اسپتال پهچايوسين ڊاڪٽرن ٻڌايو ته زھر جسم ۾ ڦھلجي چڪو آهي جنهن ڪري ان وقت ئي ٻارڙو ڪائرف موقعي تي فوت ٿي ويو
