مقتول عرفان لغاري جي مڙهه بابت حڪم جي غلط تشريح ڪرڻ تي عدالت ايس ايس پي بشير بروهي کي “سبب ڄاڻايو” نوٽيس جاري
نوشهروفيروز (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشهروفيروز نديم بدر قاضي شهيد عرفان لغاري جو مڙهه سندس وارثن حوالي ڪرڻ بابت عدالتي حڪم جي غلط تشريح ڪرڻ ۽ حڪم غلط لاڳو ڪرڻ تي ايس ايس پي نوشهروفيروز بشير احمد بروهي کي “سبب ڄاڻايو” نوٽيس جاري ڪيو آهي
نوٽيس ۾ ايس ايس پي نوشهروفيروز کي چيو ويو آهي تہ جاري ڪيل عدالت جي حڪم بتاريخ 24.05.2025 جي تعميل بابت رپورٽ ڏيڻ جي اڄ تاريخ لڳل هئي، جنهن عدالتي حڪم ۾ توهان کي سختي سان هدايت ڪيل هئي ته فوتي عرفان لغاري جو لاش سندس وارثن حوالي ڪيو وڃي يا ڪنهن اين جي او معرفت ڏنو وڃي، جڏهن تہ اهو ڏٺو ويو ته توهان ڄاڻي واڻي عدالتي حڪم جي پوئواري نہ ڪري سگهيا آهيو ۽ نہ ئي ڪو اهڙو ريڪارڊ پيش ڪري سگھيا آهيو جيڪو ظاهر ڪري ته عرفان لغاريءَ جي پونئيرن ان جي مڙهه کي وصول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هجي يا توهان اهو مڙهه وارثن حوالي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.
