لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي 11 ارب، 78 ڪروڙ رپين جي خرچن جو رڪارڊ ئي غائب ڪري ڇڏيو
(مانيٽرنگ ڊيسڪ) لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي 11 ارب، 78 ڪروڙ رپين جي خرچن جو رڪارڊ ئي غائب ڪري ڇڏيو 6 ارب، 36 ڪروڙ جي ترقياتي منصوبن جي پي سي ون، فنانشنل ۽ فزيڪل پروگيس جو رڪارڊ ئي ناهي، 2 ارب 43 ڪروڙ جي اسڪيمن جي “جي پي ايس ڪوآرڊينيٽس” ۽ سيڪريٽري آفيس پاران خرچ ڪيل 29 ڪروڙ 48 لکن جو به رڪارڊ غائب آهي.
2 ڪروڙ 11 لک رپين جي انڪم ٽيڪس ۽ جنرل سيلز ٽيڪس وصول ڪرڻ جو رڪارڊ به لڪايو ويو آهي، اي اي پي پروگرام ڪوآرڊينيٽر هڪ ارب، 10 ڪروڙ رپين جا جانور ۽ پکي خريد ڪرڻ جو رڪارڊ گم ڪيو آهي، مڇيءَ جي خوراڪ تي 26 ڪروڙ، سجاڳي ۽ تربيت وارن پروگرامن تي 12 ڪروڙ رپيا خرچ ڪرڻ وارو رڪارڊ به لڪايو ويو آهي، ڊي جي آڊٽ ذميوار آفيسرن جو تعين ڪري انهن خلاف ايڪشن جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.
