پاڪ ڀارت جنگ دوران اسرائيل ڀارت جي مدد ڪئي: وزيراعظم شهباز شريف

Shahbaz-Shareef

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ڀارت سان جڏهن به ڳالهيون ٿينديون ته ڪشمير، پاڻي، واپار ۽ دهشتگردي جي حوالي سان ٿينديون، جنگ مستقل حل ناهي، امن ئي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي، ڀارت اڃا تائين ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ ڳالهين لاءِ راضي ناهي ٿيو

 اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جنگ دوران اسرائيل ڀارت جي مدد ڪئي، سرينگر ۽ ٻين هنڌن تي ڀارت اسرائيلي هٿيار استعمال ڪيا، جنگ کان اڳ 150 تربيت يافته اسرائيلي ڀارت پهتا هئا،

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جڏهن به دهشتگردي بابت ڳالهيون ٿيون ته ٻنهي ملڪن جا قومي سلامتي جا صلاحڪار ڪندا، ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو سٺو ٿي سگهي ٿو پر ڀارت ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ ڳالهيون ڪرڻ جي شرط تي راضي ناهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *