شاهپور جهانيان: ڪربلا جي شهيدن جي چهلم تي اربعين مشي ڪڍي وئي
شاهپور جهانيان ( رپورٽ: اسد ٻگهيو ) هر سال جيان هن سال به ڪربلا جي ميدان ۾ حق ۽ سچ خاطر جانين جا نذرانا ڏيندڙ ڪربلا جي شهيدن حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ان جي جانثار ساٿين کي ڀيٽائون پيش ڪرڻ ۽ پروسو ڏيڻ لاءِ دولتپورصفن کان مورو تائين سيد ڪاظم علي شاهه، سيد حسن شاهه جهانيان، سيد باقر علي شاهه جهانيان، سيد حامد علي شاهه جهانيان، مولوي امام الدين لانگاهه، عبدالفتاح ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ تاريخي اربعين مشي ڪڍي وئي، جنهن ۾ هزارين مومنن، مومنياڻين ۽ معصوم ٻارڙن شرڪت ڪئي، اربعين مشي جي پيادل قافلن جي آجيان لاءِ شاهپورجهانيان ۾ انجمن پاسداران حضرت ابو طالب عليه السلام ۽ شيعا علماءَ ڪائونسل ۽ ڳوٺ حاجي محمد سليمان ٻگهيو ۾ جسقم پاران ظفر ٻگهيو، محمد الياس، سيف ٻگهيو، ۽ ٻين قافلي جي گذر گاهه تي سبيلون لڳايون ويون، عزادارن ڳالهائيندي چيو ته حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جي ڪربلا جي ميدان ۾ حق ۽ سچ خاطر لازوال قرباني آهي، ڪربلا جي عظيم شهيدن کي ڀيٽائون پيش ڪرڻ لاءِ هر سال اربعين مشي ڪڍي ويندي آهي
