مورو قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو ٽرئفڪ بحال
مورو ( رپورٽ: سرمد رضا مستوئي ) موري ۾ قومي شاهراهه تي گچيرو باءِ پاس وٽ لڳل ڌرڻو مظاهرين ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
مظاهرين وٽ ڪو به عملدار لڙي نه آيو، نوجوان زاهد لاشاري جي خون جو ڪيس داخل ٿي سگهيو ۽ نه ئي سول اسپتال انتظاميه نوجوان جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪيو آهي
نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ نوابشاهه اسپتال نيو ويو، مظاهرين چيو ته عدالتن مان انصاف جي اميد آهي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت جو دروازو کڙڪائينداسين
