مٽياري: الهه ڏنو ساند ريلوي اسٽيشن لڳ ڳوٺاڻو ٽرين هيٺان اچي فوت
مٽياري ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ ) الهڏنو ساند ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺاڻو ٽرين هيٺان اچي فوت ٿي ويو، فوتي جي سڃاڻپ ڳوٺ الهه ڏنو واسي تلسي داس باگڙي طور ڪئي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته ٽرين ڪراچي کان لاھور وڃي رهي هئي جنهن جي ٽڪر ۾ ڳوٺاڻو فوت ٿي ويو
