وفاقي حڪومت جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏئي ڇڏي

885100_21914555

( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ جنرل عاصم منير کي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، آپريشن بنيان مرصوص جي ڪامياب حڪمت عملي ۽ دشمن کي تاريخي شڪست ڏيڻ تي جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر جي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ باوجود سندس خدمتون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو

پڌرائي موجب، وزيراعظم شهباز شريف صدر مملڪت آصف زرداري سان ملاقات ڪري فيصلي جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو، ڪابينا اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آپريشن بنيان مرصوص جي شهيدن ۽ غازين کي سرڪاري اعزازن سان نوازيو ويندو

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير چيو آهي ته فيلڊ مارشل جو عهدو ملڻ تي الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهيان، صدر پاڪستان، وزيراعظم ۽ ڪابينا جو شڪرگذار آهيان، هي اعزاز پوري قوم، پاڪ فوج، خاص طور سول ۽ ملٽري جي شهيدن ۽ غازين جي نالي وقف ڪريان ٿو، هي اعزاز قوم جي امانت آهي، جنهن کي نڀائڻ لاءِ لکين عاصم به قربان، هي انفرادي نه پر پاڪ فوج ۽ پوري قوم لاءِ اعزاز آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *