مورو: قومپرست ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون، هڪ ڄڻو فوت، ڪيترائي اهلڪار زخمي

taza tareen - Copy

مورو (رپورٽ: سرمد رضا مستوئي ) مورو باءِ پاس تي گرين پاڪستان انيشيئيٽو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف احتجاج ڪندڙ قومپرست ڪارڪنن ۽ پوليس جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شديد صورتحال اختيار ڪري وئي، شروعاتي اطلاعن موجب پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيڻ سان ڪيترائي ڪارڪن ۽ اهلڪار زخمي ٿي پيا

زخمين مان قومپرست اڳواڻ عرفان لغاري نوابشاهه اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو

مقامي ذريعن مطابق، جهيڙن دوران مڇريل ماڻهن گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار هائوس کي باهه ڏئي ڇڏي

علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ بعد ڪيترين ئي گاڏين کي باهه پڻ ڏني وئي، هڪ هوٽل جو ملازم پڻ زخمي ٿيڻ جي خبر آهي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيوز ۾ ڏسڻ ۾ آيو آهي ته عام ماڻهن ڀاڻ جون ٻوريون ٽرڪ مان لاٿيون آهن

هوڏانهن واقعي بعد ايس ايس پي نوشهروفيروز واقعي هنڌ پهتو ۽ صورتحال جو جائزو ورتو، صورتحال خراب ٿيڻ بعد مورو شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند ٿي ويا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *