گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار جو موري ۾ احتجاج ۽ گاڏيون ساڙڻ جو نوٽيس
( رپورٽر ) سنڌ جي گهرووزير مورو۾ احتجاج ۽ گاڏيون ساڙڻ جو نوٽيس ورتو، ايس ايس پي نوشهروفيروز کان تفصيل طلب، گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار جو چوڻ آهي ته امن امان خراب ڪرڻ ۽ قانون جي رٽ چيلينج ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ويندي، امن خراب ڪندڙن خلاف ضلعي سطح تي پوليس کي حرڪت ۾ آندو وڃي، شهرين جي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙ شرپسندن جي نشاندهي ڪري قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي
