اوٻاوڙو: ڪربلا جي شهيدن جو چهلم ملهايو پيو وڃي، مرڪزي حسيني امام بارگاهه تان ماتمي جلوس برآمد

WhatsApp Image 2024-08-26 at 13.48.14_ce1624ba

اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) ڪربلا جي شهيدن  جي چهلم جي موقعي تي مختلف پڙن تان ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا آهن، ماتمي جلوس روايتي رستن تان ٿيندا مرڪزي حسيني امام بارگاهه پهتا، جتان  هڪ وڏو ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو جيڪو روايتي رستن تان روان دوان آهي، ماتمي جلوس ۾ عزادارن پاران زنجير زني ۽ سينا ڪئي پئي وڃي، جلوس پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندي ريتي روڊ، صادق آباد روڊ، مين چوڪ، ڀٽائي چوڪ کانپوءِ ميلاد چوڪ تي پهچندو جتي نماز زهرين ادا ڪئي ويندي، نماز زهرين بعد جلوس پنهنجي مختلف روايتي رستن ڏانهن روانو ٿي شام جو حسيني امام بارگاهه تي احتتام پذير ٿي ويندو، جلوس جي رستن تي سبيل جون ڪئمپون لڳايون ويون ۽ ننگر نياز جو به سلسلو هلندڙ آهي جڏهن ته سڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *