ڏهرڪي: لنڊ گروپ جي ڪوششن سان عمران آٽوز کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو
ڏهرڪي ( رپورٽر ) جي ٽي روڊ تي عمران آٽوز کي اوچتو باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ ڪري دڪان اندر پيل قيمتي سامان سڙي رکي ٿي ويو، باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڏهرڪي ٽائون ڪاميٽي جي فائربرگيڊ واقعي واري هنڌ نه پهتي
باهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ترجمان لنڊ گروپ ڏهرڪي ڊاڪٽر انعام لنڊ ۽ چوڌري عبدالرزاق آرائين واقعي واري هنڌ پهتا، جن ڪوششون وٺي ماڙي پيٽرليم جي فائربرگيڊ گهرائي باهه تي ضابطو آندو
لنڊ گروپ جي ترجمان ڊاڪٽر انعام لنڊ ڳالهائيندي چيو ته باهه واري خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد اسان واقعي واري هنڌ پهچي ماڙي پيٽروليم جي فائربرگيڊ گهرائي عمران آٽوز کي لڳل باهه تي ضابطو آندو
