جسقم پاران تڪراري ڪئنالن خلاف سڀاڻي شٽڙبند ۽ ڦيٿا روڊ هڙتال جو اعلان

WhatsApp Image 2025-04-19 at 20.02.19_9e3c7c24

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان سڀاڻي سنڌو درياهه مٿان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي

ان ڏس ۾ جسقم جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد مهيسر ڪارڪنن سان گڏ شهر جي مختلف بازارن، چوڪن ۽ چوراهن تي دڪاندارن سان ملاقاتون ڪري شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال بابت پمفليٽ ورهايا

ان موقعي تي امجد مهيسر دڪاندارن کي تڪراري ڪئنالن واري منصوبي جي خاتمي لاءِ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ۾ ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي، هن جو چوڻ هو ته شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال سان گڏ احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي ويندي

ھن چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪئنالن واري سنڌ دشمن منصوبي کي مڪمل طور رد ڪري چڪا آهن ۽ سنڌ ۾ هر طرف احتجاجن جو سلسلو جاري آهي تنهنڪري وفاق کي گهرجي ته فوري طور هن منصوبي جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *