چوهڙجمالي: شاهبندر تعلقي جون 95 هزار ايڪڙ زمينون سمنڊ ڳڙڪائي ويو
چوهڙجمالي ( رپورٽ: سيف الله اوٺو ) انڊس ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب سمنڊ زميون پائڻ لڳو، سمنڊ جا راڱا تيزي سان وڌڻ لڳا، ساحلي پٽيءَ جي رهواسين ۾ خوف پکڙيل آهي
شاھبندر تعلقي جي ديهه گل محمد جلباڻي، وارائي، واڙي، ديهه عمر جوان، ديھه بابلي، ديھه گجو، ديھه جھاليون، ديھه قاسم سومرو، ديھه سلام ڳڙهه، پراڻو ديرو، تڪيو سنيو شاهه، پير جاني شاهه سميت ٻين ديھن کي سمنڊ ڳڙڪائي ويو
ڪيترائي ڳوٺ لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا، سمنڊ جي ويجهو جر جو پاڻي کارو ٿي ويو، جاندار ۽ انسان اڃ مرڻ لڳا، علائقي واسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پري پري تائين پنڌ ڪرڻ تي مجبور، شاھبندر جي ساحلي پٽي تي ڀور واهه، کانٽو واهه، ميرواهه، گھارو واهه سميت شاخون برپٽ بيابان بڻجي ويون
