بلاول ڀٽو زرداري تڪراري ڪينالن جي مامري تي شهباز حڪومت ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي
حيدرآباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) تڪراري ڪئنالن خلاف حيدرآباد ۾ رٿيل جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت تڪراري ڪئنال منصوبي کي فوري طور تي روڪي ٻي صورت ۾ پ پ وفاق کان رستا ڌار ڪندي، قيدي نمبر 420 ڇهه ڪئنالن مان ٻن ڪئنالن جي اجازت ڏني پر اسان مخالفت ڪئي
اسان شهباز کي ٻه ڀيرا وزيراعظم بڻايو، جيڪڏهن ڪينال منصوبو واپس نه ورتو ويو ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت سان گڏ نه هلي سگهندي،
پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پاڻي جي ورڇ جو مامرو وفاقي حڪومت کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، وفاق کي ڪينال منصوبو واپس وٺڻ گهرجي،
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته عمرڪوٽ ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي تي پ پ جي ڪارڪنن کي مبارڪون هجن، پاڪستان جا ماڻهو اڄ به شهيد بينظير ڀٽو سان گڏ بيٺل آهن، سنڌ جي عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته سنڌ ۾ صرف تير جو مينڊيٽ آهي، هن چيو ته عمرڪوٽ جي ضمني چونڊن ۾ هڪ پاسي 17 پارٽيون هنيون ۽ ٻئي پاسي پيپلز پارٽي هئي پر ان باوجود اسان کي ڪاميابي ملي
