عمرڪوٽ: ڪربلا جي شهيدن جو چهلم ملهايو پيو وڃي، پنج پير امام بارگاهه تان ماتمي جلوس برآمد
عمرڪوٽ ( رپورٽ: جلال شر ) حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس پنج پير امام بارگاهه تان برآمد ڪيو ويو آهي حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا، ھر طرف ياحسين جون صدائون بلند، پوليس اھلڪار ۽ رضاڪار جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن، مختلف علائقن کان نڪتل ننڍا وڏا ماتمي جلوس به مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿي چڪا آهن، پنج پير امام بارگاهه تان برآمد ٿيل مرڪزي ماتمي جلوس پنھنجي روايتي رستن ڏانھن گامزن آهي، ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ جي ھدايتن تي پوليس اھلڪار، رينجرز ۽ عملدار مختلف ھنڌن تي سيڪيورٽي لاءِ موجود آهن، مرڪزي ماتمي جلوس روايتي رستن کوسه محلا، انب جو پڙ، ڪھيري امام بارگاهه کان ٿيندو شام جو جامع مسجد چوڪ تي پھچندو جتي مجلس عزا منعقد ڪئي ويندي
