شھيد ۽ غازي اسان جو فخر آھن، امن ۽ آزادي شھيدن جي قربانين جي ڪري ملي آھي: آرمي چيف
جِي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي اعزاز ڏيڻ واري تقريب ، آرمي چيف طرفان آفيسرن ۽ جوانن کي پيشوارڻي خدمتن تي اعزازن سان نوازيو ويو، آءِ ايس پي آر موجب تقريب ۾ آفيسرن ۽ جوانن کي ستاره ملٽري ۽ تمغا بسالت سان نوازيو ويو، آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ آهي ته شھيد ٿيندڙ ۽ غازي اسان جو فخر آھن، اڄ امن ۽ آزادي شھيدن جي قربانين جي ڪري ملي آھي، شھيدن جو احترام ھر پاڪستاني لاءِ مقدس آھي
