سنڌ جي نوجوانن بغاوت اختيار ڪئي ته اوهان پڄي نه سگهندئو: اياز لطيف

WhatsApp Image 2025-04-15 at 21.00.37_0b54a736

ڀٽ شاهه ( رپورٽ: جمن چوهاڻ ) قومي عوامي تحريڪ سربراهه اياز لطيف پليجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين سنڌي اوهان کان سوال پيا پڇون اسان اوهان جو ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي؟ اسان ته قرارداد پاڪستان جا حامي ٿي اوهان سان گڏجي وياسين، قراداد پاڪستان جو اسان کي غلط نتيجو ڏنو پيو وڃي، اسين سنڌي اوهان کان پاڻي گهرون ٿا

هن جو چوڻ هو ته ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي، لاڙڪاڻي ۾ بدامني ڪرائي وئي، سنڌ ۾ بک واڪا ڪري رهي آهي، اسان جون نوڪريون وڪامجي رهيون آهن، وفاق جا حڪمران اسان کي ٻڌائن ته اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي، اسين بکيا اڃيا اوهان جي درٻار ۾ بيٺا آهيون، جيئن بي بي زينب يزيد جي درٻار ۾ بيٺي

هن وڌيڪ چيو ته اسين اهي ماڻهو آهيون جو اسين اڃا به جمهوريت جي ڳالهه پيا ڪريون، سنڌ جي نوجوانن بغاوت اختيار ڪئي ته اوهان پڄي نه سگهندئو، عالمي طاقتن جي منصوبن کي ڪامياب ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي موقف کي ٻڌو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *