مستونگ ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو، 3 اهلڪار شهيد، 19 زخمي
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دشت روڊ تي خند محسوري جي ويجهو ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ کي نشانو بڻايو ويو
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪو موٽرسائيڪل ۾ نصب ٿيل ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪيدار ڊيوائس سبب ٿيو، ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن بلوچستان ڪانسٽيبلري جا اهلڪار پوليس ٽرڪ ۾ ڊيوٽي تان واپس اچي رهيا هئا.
پوليس اختيارين موجب ڌماڪي جي اطلاع ملڻ تي سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا، علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪيو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 19 زخمي ٿيا آهن، شهيد اهلڪارن جي لاشن کي پوسٽ مارٽم ۽ زخمي اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
