ٻانڌي ڳوٺ عبدالعزيز ٽالپر واسي ڳوٺاڻن جو نيشنل پريس ڪلب تي احتجاج

WhatsApp Image 2024-08-26 at 11.22.51_c68fa88f

ٻانڌي ( رپورٽ: منصب ڏاهري ) ڳوٺ عبدالعزير ٽالپر واسي عبدالواحد ڏاھري ۽ سندس ٻن ڀائٽين محمد اڪرم ڏاھري ۽ محمد اسلم ڏاھري نيشنل پريس ڪلب ٻانڌي پھچي پريس دانهيو ته عبدالرزاق ڏاھري ڪجهھ وقت کان اسان خلاف ميڊيا تي اچي ڪوڙا الزام لڳائي رھيو آھي ته مونکي منھنجي ڀاءُ عبدالواحد ڏاھري ۽ پٽن محمد اڪرم ۽ محمد اسلم مان جان جو خطرو آھي ۽ مونکي ڀاءُ ۽ پٽن وڙھي ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو آھي اهڙا الزام سراسر بي بنياد آهن هنن چيو ته هو، اسان کي بليڪ ميل ڪري رھيو آھي جڏھن ته عبدالرزاق جي پٽن محمد اڪرم ۽ معصوم محمد اسلم دانھيندي چيو ته اسان جو بابو جواري ۽ موالي آھي جيڪو گھر اچي ھر روز اسان جي ماءُ تي تشدد ڪري ٿو ۽ چوندو آھي ته مونکي جوا لاءِ پيسا ڏيو هنن وڌيڪ چيو ته اسين غريب آھيون ۽ اسان ھن کي جوا لاءِ پيسا ڪٿان آڻي ڏيون ھاڻ اسان مٿان ڪوڙا الزام لڳائي رھيو آھي ۽ اسان پٽن ۽ اسان جي چاچي عبدالواحد مٿان ڪورٽ ۾ ڪوڙا ڪيس ڪرائي رھيو آھي ڳوٺاڻن وس وارن کان نوٽيس جو مطالبو ڪيو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *