پي ايف يو جي پاران سڀاڻي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان

4569110-838536709

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي اعلانيل بليڪ ڊي جي سکر يونين آف جرنلسٽس حمايت جو اعلان ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ سکر يونين آف جرنلسٽس جي ماتحت تنظيمن پاران سڀاڻي پريس ڪلب تي ڪارا جهنڊا ڦڙڪائي احتجاج رڪارڊ ڪرايا ويندا،

سکر يونين آف جرنلسٽس جو اجلاس پڻ ٿي گذريو جنهن جي صدارت سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر سليم سهتو ڪئي، اجلاس ۾ سکر يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري جاويد جتوئي، خزانچي ڪامران شيخ، نائب صدر خالد ٻانڀڻ، ​​سکر پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري امداد بوزدار ۽ ٻين صحافين شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ ايس يو جي جي صدر سليم سهتو، جنرل سيڪريٽري جاويد جتوئي ۽ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل موقف اختيار ڪيو ته حڪومت آزاد ميڊيا جي آواز کي دٻائڻ لاءِ پيڪا ايڪٽ جهڙو ڪارو قانون جوڙي صحافين کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پيڪا جهڙي ڪاري قانون کي قلم ڌڻي ڪڏهن به قبول نه ڪندا

هنن چيو ته پي ايف يو جي پاران 15 اپريل اڱاري تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ واري اعلان جي آجيان ڪريون ٿا، سڀاڻي سکر پريس ڪلب تي ڪارا جهنڊا لڳايا ويندا ۽ سکر يونين آف جنرلسٽس جون ذيلي تنظيمون ان احتجاج ۾ حصو وٺنديون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *