روز وڙهين ٿو! ڪوٽڙي ۾ زال ڪهاڙي هڻي مڙس کي زخمي ڪري ڇڏيو
ڪوٽڙي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڪوٽڙي سائيٽ ۾ زال ڪهاڙيءَ جا وار ڪري مڙس کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، عورت چئن ٻارن سميت ٿاڻي تي پهچي گرفتاري ڏئي ڇڏي، خدا جي بستيءَ واري علائقي ۾ عورت پشم چانڊيو مبينا طور گهرو تڪرار تان ڪهاڙيءَ جا وار ڪري پنهنجي مڙس دلبر چانڊيو کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو،
اطلاع تي خدا جي بستي چوڪيءَ جي پوليس پهچي زخمي دلبر چانڊيو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪوٽڙيءَ جي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو، جتان زخمي کي سول اسپتال حيدرآباد اماڻيو ويو. هوڏانهن جوابدار عورت پشم چانڊيو پنهنجن چئن ٻارن سميت ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي تي پهچي گرفتاري ڏئي ڇڏي
هوڏانهن پوليس موجب جوابدار عورت پشم چانڊيو ٻڌايو ته سندس مڙس ساڻس روز جهيڙا ڪندو هو، جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ هوءَ پنهنجي مائٽن جي گهر هئي، اتي به مڙس ساڻس جهيڙو ڪيو هو، تنهنڪري هن تنگ ٿي انتهائي قدم کنيو آهي
پوليس موجب جوابدار عورت کي ٻارن سميت حيدرآباد جي عورتن واري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن واقعي جو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو هو.
