آمريڪي عورت جو پاڪستاني بواءِ فرينڊ پهريون ڀيرو منظرعام تي اچي ويو

onijha-nadal1744635516-0-600x450

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) آمريڪا مان پيار جي ڳولا ۾ ڪراچي ايندڙ عورت اونيجا کي ڌوڪو ڏيندڙ ندال احمد منظر عام تي اچي ويو

هڪ پرڏيهي يوٽيوبر سان انٽرويو ۾ ندال انڪشاف ڪيو ته اونيجا پاڪستان آئي ۽ ٽن مهينن تائين پاڪستان رهي، جنهن دوران هوءَ منهنجي خاندان سان ملي ۽ اسان سان گڏ هن خريداري به ڪئي

هن چيو ته مان اونيجا کي 15 جنوري 2025 تي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڇڏي آيو هوس، جنهن بعد هوءَ آمريڪا نه وئي ۽ منهنجي گهر واپس هلي آئي، هن چيو ته مان اونيجا کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ بعد لڪي ويو هيس

ندال احمد چيو ته اونيجا ۽ مان اڄ به رابطي ۾ آهيون ۽ اسان هڪ ٻئي کي ٻين جوڙن وانگر پيار ڪندا آهيون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *