چين ۾ طوفان جو الرٽ جاري! 50 ڪلو کان گهٽ وزن وارا ماڻهو اڏامي ويندا

Photo_27040

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) چين ۾ تيز طوفاني هوائن جي خطري سبب لکين ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، عوام کي خبردار ڪيو ويو آهي ته طوفاني هوائن جي نتيجي ۾ 50 ڪلو کان گهٽ وزن رکندڙ ماڻهو توازن برقرار نه رکي سگهندا ۽ اڏامي به سگهن ٿا

اختيارين چيو آهي ته تيز هوائون ڇنڇر ۽ آچر تي اتر چين ۾ ماڻهن کي پري تائين اڏائي کڻي وڃي سگهن ٿيون، اختيارين لکين ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته سرڪاري ميڊيا خبردار ڪيو آهي ته 50 ڪلوگرام کان گهٽ وزن وارا ماڻهو انهن هوائن ۾ سولائيءَ سان اڏامي وڃي پري ڪرندا

اختيارين جو چوڻ آهي ته منگوليا کان ڏکڻ اوڀر طرف وڌندڙ ٿڌي طوفان جي ڪري بيجنگ، تيانجن ۽ هيبي علائقي جي ٻين حصن ۾ 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلنديون، هڪ ڏهاڪي ۾ پهريون ڀيرو، بيجنگ ٽائيفون لاءِ نارنگي الرٽ جاري ڪيو آهي،

اهو خدشو پڻ آهي ته هن ڀيري هوائون ڪيترن ئي ورهين ۾ علائقي ۾ ڏٺل ڪنهن به شيءِ کان وڌيڪ تيز هونديون، عملدارن جو چوڻ آهي ته جڏهن هوائون هلنديون ته بيجنگ ۾ 24 ڪلاڪن اندر گرمي پد 13 ڊگري سينٽي گريڊ گهٽجي ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *