سنڌ ۾ اڄ کان سخت گرمي پوڻ جو امڪان
Thermometer Sun 40 Degres. Hot summer day. High Summer temperatures
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرمي جي لهر جاري رهندي، گرمي جو پارو معمول کان 6 کان 8 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهندو، لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو ۽ آس پاس جا علائقا اڄ سخت گرمي محسوس ڪندا، لاڙڪاڻي ۾ اڄ وڌ کان وڌ پارو 46 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي، شڪارپور ۾ گرمي پد 38 ڊگري تائين پهچي ويو، سکر ۽ ڪشمور ۾ به گرمي جي لهر برقرار، سکر ۾ پارو 26 کان 46 ڊگري تائين رڪارڊ ڪيو ويو، ڪشمور ۾ به سخت گرمي جو راڄ، پارو 44 ڊگري تائين پهچي ويو
