جماعت اسلامي پاران 22 اپريل تي فلسطيني عوام سان يڪجهتي طور ملڪ گير هڙتال جو اعلان

2722062-hafiznaeemnew-1728562799-600x450

(مانيٽرنگ ڊيسڪ ) جماعت اسلامي پاران فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 22 اپريل تي ملڪ گير شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪيو آهي

ڪراچي ۾ فلسطين مارچ کي خطاب ڪندي حافظ نعيم نئين حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ۽ عوام تي زور ڀريو ته پرڏيهي شين جي بائيڪاٽ جو سلسلو جاري رکيو وڃي

حافظ نعيم چيو ته 18 اپريل تي ملتان ۽ 20 اپريل تي اسلام آباد ۾ غزا مارچ ڪيو ويندو، هن چيو ته ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو اجتماع اسلام آباد ۾ ٿيندو،

هن اعلان ڪيو ته 22 اپريل تي ملڪ گير شٽر ڊائون هڙتال ڪئي ويندي، جنهن ۾ فلسطيني عوام جي حمايت ڪئي ويندي،

حافظ نعيم چيو ته غزه سان يڪجهتي جي اظهار طور 22 اپريل تي ملڪ ۾ ڪاروبار بند رهندا، هن چيو ته هو اسلامي ملڪن جي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي به خط لکي رهيو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ آمريڪي غلامن خلاف تحريڪ جاري رهندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *