مشهور مزاحيه اداڪار جاويد ڪوڏو لاڏاڻو ڪري ويو
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) جاويد ڪوڏو ڪافي عرصي کان بيمار هو ۽ جنرل اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، اداڪار جاويد ڪوڏو پنهنجي ننڍڙي قد جي ڪري شهرت حاصل ڪئي، هن اسٽيج ڊرامن سميت ڪيترن ئي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو، سندس قابل ذڪر پاڪستاني ڊرامو عينڪ والا جن ۽ آشيانا شامل آهن، گذريل سال هڪ انٽرويو ۾جاويد ڪوڏو چيو هو ته هو ڪيترن ئي بيمارين ۾ مبتلا آهي
