ڀارت ۾ ڪتن سان جنسي زيادتي جي الزام ۾ هڪ شخص گرفتار

401177_2647219_updates

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت جي گادي واري شهر دهلي ۾ بي زبان جانور ڪتن سان جنسي زيادتي ڪندڙ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ميڊيا رپورٽن موجب، هڪ شخص ڪيترن ئي ڪتن سان جنسي زيادتي ڪئي، اهڙي قسم جي هڪ وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، ويڊيو جوابدار شخص جي هڪ دوست رڪارڊ ڪري سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي اپ لوڊ ڪري ڇڏي

وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ان شخص کي عوام پڪڙي تشدد ڪيو ۽ پوءِ پوليس حوالي ڪيو

ڀارتي ميڊيا موجب، جوابدار اعتراف ڪيو ته هن 6 ڪتن سان زيادتي ڪئي آهي جڏهن ته جوابدار جي پاڙيسري عورت دعويٰ ڪئي ته ان شخص 13 ڪتن سان جنسي زيادتي ڪئي آهي

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *