لاڙڪاڻو: ميئر لاڙڪاڻو جي نااهلي، معصوم ٻارڙو گٽر ۾ ٻڏي فوت، گهر ۾ ڪھرام متل

IMG-20240825-WA0043

لاڙڪاڻو ( رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو ) ميئر لاڙڪاڻو انور علي نواز لھر جي نااھلي سبب چند ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي جي مختلف محلن ۾ ٽيون معصوم ٻارڙو برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي، لاڙڪاڻي جي ميرو خان چوڪ ڀرسان غازي عباس ڪالوني ۾ ٽن سالن جو معصوم ٻارڙو امير علي پٽ رجب سومرو گهر اڳيان بيٺل برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي، وارثن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻن ڪلاڪن بعد معصوم ٻارڙي جو لاش ھٿ ڪيو ويو، اهڙي واقعي بعد سندس گهر ۾ قيامت برپا ٿي چڪي آهي جڏهن ته فوتي نينگر جي گھر ۾ پڻ پاڻي بيٺل آهي، يوسي چيئرمين اسلم مغيري، ميئر لاڙڪاڻو انور علي نواز لھر سميت لاڳاپيل اختيارين کي بار بار لکت ۾ شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *