چوهڙجمالي: روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت فوتين جو انگ 2 ٿي ويو
چوهڙ جمالي ( رپورٽر ) قادر ڏنو شاهه روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا شوڪت اوٺو، اڪبر اوٺو، زبير ٻارڻ ۽ غلام فريد ٻارڻ زخمي ٿي پيا هئا جن کي علاج لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر چوھڙجمالي آندو ويو آھي
حادثي جو هڪ زخمي 20 سالا نوجوان اڪبر ولد جمن اوٺو زخمن جا سور نھ سھندي چوھڙجمالي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هو جڏهن ته 22 سالا زبير ولد سومار ٺٽي اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو
