ٺري ميرواهه: نامعلوم ماڻهن ڪهاڙين جا وار ڪري صحافي کي قتل ڪري ڇڏيو

WhatsApp Image 2025-04-10 at 11.59.46_e1a21a08

( بيورو رپورٽ ) ٺري ميرواهه ڀرسان هنڊياري ۾ گذريل رات دير سان خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽر سينيئر صحافي اي ڊي شر جو ڪهاڙيون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، پوليس پهچي شهيد صحافي جو مڙهه کڻائي ٺري ميرواهه اسپتال منتقل ڪيو

واقعي جو اطلاع ملڻ تي صحافي برادري جا اڳواڻ وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ پهتا، پوليس ڪاروائي ڪندي 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اهڙي واقعي بعد سموري سنڌ جي قلم ڌڻي ۾ سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي مختلف شهرن ۾ صحافي جي قتل خلاف احتجاج ڪيا پيا وڃن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *