ڪنوار جي ماءُ ڌيءَ جا زيور ۽ پئسا کڻي گهوٽ سان ڀڄي وئي
( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي علائقي علي ڳڙهه جي مدرڪ پوليس اسٽيشن مان حيران ڪندڙ واقعو سامهون آيو آهي، جتي هڪ عورت پنهنجي ڌيءَ جي شادي کان 9 ڏينهن اڳ پنهنجي ڌيءَ جي مڙس سان ڀڄي وئي. عورت نه رڳو پنهنجي ڄانٽي سان ڀڳي، پر پنهنجي ڌيءَ جي شادي لاءِ رکيل زيور ۽ پئسا به پاڻ سان گڏ کڻي وئي
ڪنوار جي ماءُ پنهنجي ڌيءَ جي شادي جو بندوبست ڪيو هو ۽ شادي جون تياريون زورن تي جاري هيون. ڪنوار جو مڱيندو اڪثر شادي جي تيارين جي بهاني پنهنجي ساهرن وٽ چڪر تي ايندو رهندو، گهوٽ جي ڪٽنب کي ڪا به خبر نه هئي ته سس ۽ ڄانٽي وچ ۾ ناجائز تعلق پيدا ٿي رهيو آهي، گهوٽ پنهنجي ٿيندڙ سس کي هڪ موبائل فون پڻ تحفي ۾ ڏنو، ياد رهي ته شادي جي تاريخ 16 اپريل مقرر ڪئي وئي هئي ۽ شادي جا ڪارڊ پڻ ورهايا ويا هئا، هوڏانهن واقعي بعد ڪنوار جي پيءَ واقعي جي رپورٽ درج ڪرائي ڇڏي
